اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي دهشتگرداڻي حملي کانپو??ِ هنگامي اجلاس منعقد ڪيو ويو ??نهن ۾ سمورن رياستي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي جو ڀرپور انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي عزم ورجاءُ ڪيو ويو ??ڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي بشام ۾ دهشتگرد حملي کانپوءِ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو ??نهن ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف، وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل شعبن جي انسپيڪٽر جنرل پوليس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبي تي ڪم ڪندڙ معصوم شهرين تي ڪڌي حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي منصوبو پاڪستان ۾ توانائي ۽ پاڻي جي تحفظ جي حوالي سان آهي. وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ بيگناهه چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ??ه ان وحشياڻي فعل جي ڏوهارين کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم پاڪستان چين جي عوام جي وچ ۾ ڀائيچاري جي پائيدار رشتي کي اجاگر ڪندي چيو ??ه پوري قوم چيني شهرين جي جانين جي زيان تي ڏکويل آهي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مقامي ماڻهن پاران حملي تي فوري ردعمل کي ساراهيو ??نهن ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچايو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ??ه دهشتگردي هڪ عالمي خطرو آهي جنهن کي پاڪستان جي دشمنن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ??هي، پاڪ چين دوستي کي نشانو بڻائيندڙن جي انهن قدمن جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ عدم اعتماد پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ملڪ مان دهشتگردي کي مڪمل طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙ س??حد پار دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ علائقائي موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس دوران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ملڪ کي درپيش دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لا??ِ هٿياربند فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ??ه قوم گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ پاڪستان جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو ??هي. آرمي چيف دهشتگردي جي واقعن ۾ تازي اضافي جي حوالي سان چيو ??ه پاڪستان جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر رياست ۽ پاڪستان جي عوام جي حوصلي ۽ عزم جو غلط اندازو لڳايو ??هي. هن چيو ??ه اسان دهشتگردي جي خلاف ان وقت تائين جنگ وڙهنداسين جيستائين پاڪستان، ان جي عوام ۽ هتي ڪم ڪندڙ غيرملڪي مهمانن تي بري نظر رکندڙ هر دهشتگرد جو خاتمو نٿو ٿي وڃي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين ته هر غيرملڪي شهري خاص طور تي چيني شهري جيڪي پاڪستان جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پاڪستان ۾ محفوظ رهن، اسان پوري طاقت سان دهشتگردي جو آخري دم تائين مقابلو ڪنداسين. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي دهشتگرداڻي حملي کانپوءِ هنگامي اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں