اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي ايئر ڪموڊور محمد عاطف هاشم جي ٽيڪنيڪل پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس بورڊ ۾ ميمبر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو فيصلو 19 جولاءِ 2023ع کان لاڳو هوند??. و??اقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نادرا ??ي آرڊر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل ڪيٽيگري اي جي آڊٽ فرم جي خدمتن کي حاصل ??رڻ جي لاءِ کليل واڪن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان فيصلي سان وفاقي ڪابينا جي 2019ع جي ڪيل فيصلي ۾ ترميم ڪئي وئي. جنهن موجب نادرا ??ي آڊٽ جي لاءِ رڳو 4 وڏين ۽ مشهور آڊٽ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري سگهيون پئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نادرا ??ي آڊٽ کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ عالمي معيار موجب آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪيٽيگري اي ۾ رجسٽرڊ سڀئي آڊٽ فرمز کي نادرا ??ي آڊٽ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سفارش تي ”سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان“ جي منصوبي کي بطور قومي ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (nCERT) چونڊڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سائبر سيڪيورٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان جو منصوبو قومي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل آهي ۽ ان تي ڪم اڳ کان جاري آهي. وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سي ڊي اي ??لازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ پاليسي پيش ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب سي ڊي اي کي ان ڳالهه جو تعين ڪرڻو هو ته ملازمن کي رعايتي اگهن تي پلاٽ ڏيڻ سان سي ڊي اي جي آمدني ۾ ڪهڙو فرق ايندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ قيمتي زرعي زمين جو استعمال ??رڻ بدران وڏين عمارتن جي تعمير تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي گهر مهيا ٿي سگهن ۽ جلد کان جلد ان ڏس ۾ پاليسي جوڙي وڃي. ڪابينا الاٽمينٽ جي پيش ڪيل پاليسي تي فيصلو ملتوي ڪري ڇڏي??. و??اقي ڪابينا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سفارش تي ايڊاپٽيشن ايڪٽ جي سيڪشن 5 (2) ۾ ترميم ??رڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ترميم تحت ان سيڪشن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي جڳهه آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جا لفظ استعمال ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي پاران موبائيل فون نيٽ ورڪ اسپيڪٽرم جي لائيسنس فيس ۽ تجديد فيس آزاد حڪومت رياستي ڄمون ۽ ڪشمير کي منتقل ڪري سگهجي. وفاقي ڪابينا پر??ئيويٽائيزيشن ڪميشن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 جنوري ۽ 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ