ڊي??وس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني ??جل??س ۾ شرڪت جي لاءِ ڊي??وس پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ”عالمي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي موضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غيررسمي ??جل??س ۾ شرڪت ڪندو. هن ??جل??س ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ??از، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم ڊي??وس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيه?? وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس به ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي ??ڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪاروباري ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي مان ۾ ڏنل آ??ياڻي ۾ شرڪت ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊبليو اي ايف جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس پهچندو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی