مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع ت?? آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ۾ ترميم ذريعي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ غيرمسلمان رهواسين کي شهريت ڏيڻ جو ڀيانڪ منصوبو وا??ار??ل ڪشمير جي ??سلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي سازش هئي جنهن جي تسلسل ۾ لکين ڀارتي هندوئن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا ۽ بوگس تڪ بنديون ڪري رياست جي ??سلم تشخص کي ختم ڪيو پيو وڃي، اسان انهن سمورن قدمن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??نظور ٿيل قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ ان تي گڏيل قومن جي خاموشي هڪ سواليه نشان آهي، ڀارت جي ??سطائي حڪومت ڊوميسائيل قانونن تحت ڪشميرين کان انهن جي رهائش، شهريت، روزگار ۽ زمين جي ??لڪيت جا حق کسي ورتا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ سڄي ڀارت مان 40 لک کان وڌيڪ هندوئن کي آڻي ڪشمير ۾ آبادڪاري ڪئي وئي آهي، قابض فوجين ۽ ڀارتي سرڪاري آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن کي هڪ منظم منصوبي تحت ڪشمير ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، هدف اهو آهي ته وا??ار??ل واديءَ جي آبادي جي تناسب کي مستقل طور تي تبديل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اسان دنيا جي بهادر ترين قوم ڪشميري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن غاصباڻي قبضي ۽ دهشتگردي جي باوجود پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي. آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جا ماڻهو توهان سان گڏ بيٺل آهن ۽ توهان جي آزادي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ هر حد پار ڪندا، ڪشمير مسئلي کي نقصان پ??چا??ڻ جي ??اءِ ڀارت جيڪي قدم کنيا ان سان گڏيل قومن ۾ موجود ڪشمير مسئلي جي حيثيت کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. گڏيل قومن جي ??راردادن موجب ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي راءِ جي ابتڙ حل نه ٿو ڪري سگهجي. اهي گڏيل قومن جون قراردادون ئي آهن جيڪي ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏين ٿيو.
ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ۾ ترميم ذريعي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو ويو: بئريسٽر سلطان محمود چوڌري
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ