اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي، دهشتگرد امن اما?? جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستا?? جي ترقي کان ملڪ دشمن ڊنل آهن، دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ?? جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان شهيد?? جي درج?? جي بلندي ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. محمد صادق سنجراڻي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد?? جي درج?? جي بلندي ۽ پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پاران پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان