ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ۽ روس جي نائب وزي??اع??م اليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت ??ختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو ا??ها?? ڪ??دي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي. روس جي نائب وزي??اع??م اليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزي??اع??م عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خصوصي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جي لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪ??دي وزي??اع??م عمران خان ان يقين جو ا??ها?? ڪيو ته روسي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو پاڪستان جي بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻنديون ۽ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وزي??اع??م پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور واپار، سيڙپڪاري، ريلوي سميت ??ختلف شعبن ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو ا??ها?? ڪ??دي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ملاقات کانپوءِ وزي??اع??م عمران خان آجياڻي تي پاڪستان ۽ روس جي ناليوارن ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مارڪيٽ طور واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. وزي??اع??م چيو ته مارچ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وزي??اع??م اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزي??اع??م ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.
وزيراعظم ۽ روس جي نائب وزيراعظم پاران ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ، واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا