لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پ??جا?? جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پ??جا?? جي گورنر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پ??جا?? جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظ?? چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنياد?? سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پ??جا?? جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پارليامينٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور ساراهيو آهي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار