اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي في??لو آهي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن ??انپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض فراهم ڪيا ويندا جنهن ??ان ڪيبل آپريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها رقم اهي پنهنجي صارفين کان وصول ڪري واپس ڪري سگهندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين خالد آرائين ??ان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 4026 ڪيبل آپريٽرز موجود آهن، ا??ان جو مقصد ڪيبل آپريٽرز کي جديد دور جي گهرجن ??ان هم آهنگ ڪندي عوام کي ڊجيٽل ڪيبل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي، هن چيو ته حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪيبل آپريٽرز اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قيام جي حوالي ??ان پنهنجون تجويزون ڏين، اطلاعات واري وفاقي وزير پيمرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪيبل آپريٽرز ??ان ملاقات ڪري ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي ??ان معاملن کي حتمي شڪل ڏي.
ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ