ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ايف ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪري ڇ??يو آهي، سندس آمد تي ايئر مارشل عامر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) پاڪستان ايئر فورس سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار موجب پڄاڻي تي پهتو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند م??ڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پائليٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع کانپوءِ پو??ي دنيا پي اي ايف جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صدر اداري جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي موجود استادن ۽ عملي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن