ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ لاءِ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪ??ئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان آئنده به سريلنڪا جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ??چ ۾ ڪولمبو ۾ ايوان صدر ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ڳالهه ٻول??ه ٿي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ اعتماد، هم آ??نگي ۽ گڏيل تعاون جي بنياد تي هموار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ذريعي اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ??چ ۾ خاص طور زراعت، سياحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، راند، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي زور ڏنو ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هڪ??ئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اهيمت به بيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪ??ئي جو ساٿ ڏنو آهي، هن مستقبل ۾ به سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ