اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ بين الوزارتي رابطن ۽ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته واپار واري وزارت هڪ هفتي ۾ ايڪشن پلان جوڙيندي ۽ ترج??حي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان هفتيوار وزيراعظم کي آگاهه ??ندي. وزيراعظم ج?? صدارت ۾ معاشي صورتحال تي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، فواد احمد، وزيراعظم ج?? صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وزيراعظم ج?? خاص مددگارن ڊاڪٽر م??يد يوسف، ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت