اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي ??اتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي منظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي ??ازش ڪري رهيو آهي، ڀارت جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا، ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان کي ه??ڻي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو به جواز نه آهي. سينيٽ جي ??جلاس ۾ بلن جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلن جي منظوري تي هن ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو. ثابت ٿي ويو ته ايوان سنجيده آهي ۽ ان جي ميمبرن ۾ فهم ۽ فراست آهي ۽ اهي پارٽي حدن ??ان مٿانهون ٿي ملڪي مفادن ??ي اوليت ڏين ٿا، جي يو آءِ (ف) کانسواءِ سڀني مخالف ڌر پارٽين به بل جي ??مايت ڪئي آهي، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ ۽ مالي مشڪلاتن کان بچڻ جي ??ازش ڪري رهيو آهي، آئون مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ??رادان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، اسان جا گڏيل سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان قومي معاملن تي هڪ موقف رکون ٿا، جنهن خوش اسلوبي سان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي ميمبرن ڪميٽي ۾ بل جي ??مايت جي مون کي خاطري ڪرائي آهي ان سان فائدو پاڪستان کي ٿيندو، حڪومتون اينديون وينديون آهن پر رياستي مفاد سڀ کان مٿانهون آهن، ڪاش جي يو آءِ (ف) به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ه??، جي يو آءِ (ف) مخالفت ڪري سٺو تاثر نه ڏنو، ملڪ جي لاءِ دل وڏي ڪن. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي ??رڊيننس جي نقطن جي ??والي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هو قيد ۾ آهي، ملڪ ڇڏي ناهي ويو، نه هو رات وچ ۾ فرار ٿي سگهندو، هن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ڀارت اهو ڪيس انصاف جي ??المي عدالت ۾ کڻي ويو، هن جو خيال هو ته ان کي آزاد ڪري ڀارت منتقل ڪيو ويندو، ڀارت کي شڪست ٿي، قونصلر پهچ جنيوا ڪنوينشن تحت ڏني آهي، اپيل جو حق ڏنو آهي، ڀارت جي ڪوشش هئي ته ان کي ٻيهر انصاف جي ??المي عدالت وڃڻ جو بهانو ملي وڃي، ان لاءِ اسان ڪلڀوشن کي ٻيهر قونصلر پهچ ڏني، ڀارت جا اعتراض ختم ڪيا، اسان ڀارتي ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، اڍائي ڪلاڪن تائين ڀارتي سفارتڪارن ڪلڀوشن سان ملاقات ڪئي، ڀارتي سفارتڪارن جي ڪوشش هئي ته ڪهڙي طرح هو ان ملاقات کان ڀڄن ته جيئن بهانو ٺاهي سگهن.
دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي منظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔