اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سان پي??ا ٿيندڙ صورتحال ۾ ضروري شين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خو??ي ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم ت?? سخت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صورتحال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پي?? وڃن، ڪورونا هڪ قومي مسئلو آهي ان حوالي سان سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صورتحال ۽ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا سان پي??ا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ان جي لاءِ دنيا جي ڪا حڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس رپو??ٽ ٿيا هئا.
حڪومت ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada