اسلام ??با?? – 27 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد نو??ز شريف جي حوالي سان انٽرنيشنل ڪنسوريشم فار انويسٽيگيٽو جرنلسٽ پاران هنيل بي بنياد الزامن جي سخت مذمت ڪئي آهي جن کي هاڻي پاڻ ڪنسوريشم هڪ صحافتي غلطي قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڪابينا مطالبو ڪيو آهي ته ڪنسوريشم ان غلطي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نو??ز شريف جي صدارت ۾ و??يراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ان جي سمورن قدمن کي ساراهيو ته هن پاڻ کي ۽ پنهنجي پوري خاندان کي کلي احتساب جي لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪست??ن آڏو پيش ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا ان عزم کي به ورجايو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان جي عوام ڪجهه مفاد پرست ۽ تر??ي دشمن ماڻهن کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندي ته هو پاڪستان جي خوشحالي ۽ عوامي تر??ي جي ان سفر کي سبوتاز ڪن.
وفاقي ڪابينا پاران ڪنسوريشم پاران وزيراعظم تي هنيل الزامن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا