تھران-28 نومبر (اي پي پي) ايران چ??و آھي ته اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف آھن ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي نگراني ھيٺ ۽ ايٽمي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ??يران جي ايٽمي توانائي واري اداري جي سربراھه محمد اسلامي جاري بيان ۾ چ??و آهي ته ايراني ايٽمي پروگرام ۽ ان جو مقصد واضح آھي، اھو شفاف ۽ پرامن آھي، اسان جون سموريون سرگرميون آءِ اي اي اي جي نگراني ۽ ايٽمي ھٿيارين جي عدم پکيڙ جي معاھدي (اين پي ٽي) جي دائري اندر آھن. پروگرام جي دائري اندر يورينيم جي رچاءُ جي سطح کي وڌ کان وڌ 60 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي وضا??ت ڪندي ھن چيو ته اسان وٽ ??خت??ف ھدفن مطابق ??فزودگي جون ??خت??ف شرح آھن، اھم ڳالھه اھا آھي ته اسان ڪارڪردگي کي وڌائي سگھون ٿا. ھن چيو ته اعليٰ سطح تي يورينيم جي رچاءُ کان وڌيڪ اثرائتي ۽ اقتصادي مشن کي حاصل ڪرڻ اسان جي منصوبي جو حصو آھي، اميد آھي ته ايران، برطانيه، فرانس ۽ جرمني جا نائب پرڏيھي وزير ايران جي ايٽمي پروگرام ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ 29 نومبر تي سوئٽزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ ملاقات ڪندا.
اسان جون ايٽمي سرگرميون شفاف ۽ آءِ اي اي اي جي نگراني ھيٺ ۽ اين پي ٽي جي دائري اندر آھن: ايران
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری