ٽوڪيو _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي عالمي هوائي اڏي کي ڪارگو جهاز جي هن??ام?? لينڊنگ سبب بند ڪيو ويو. پرڏيهي اداري جي رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن ايٽلس ايئر جو لاس اينجلس لاءِ روانو ٿيل بوئنگ 747 ڪارگو جهاز هائيڊرالڪ سسٽم جي خرابي سبب ٽوڪيو جي ناريتا هوائي اڏي تي هن??ام?? لينڊنگ ڪئي جنهن دوران جهاز جو هڪ ٽائر ڦاٽي پيو . حادثي سبب هوائي اڏي جو رن وي اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين بند رهيو. جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت مطابق ان واقعي ۾ جهاز ۾ سوار عملي جي ستن ميمبرن م??ن ڪو به زخمي ناهي ٿيو. رن وي جي بندش باوجود ٻين اڏامن جي اچ وڃ ۾ ڪا خاص دير نه ٿي ۽ نه ئي وري ڪا اڏام ملتوي ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز