گڏيل قومون-25 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته تڪرارن، معاشي عدم استحڪام ۽ شديد موسمي حالتن سبب گذريل سال 73 ڪروڙ 30 لک ماڻه?? کي بک جو منهن ڏسڻو پيو، جرمن نشرياتي اداري ڊي ڊبليو موجب اسٽيٽ آف فوڊ ??يڪ??ورٽي اينڊ نيوٽريشن ان ورلڊ جي عنوان سان جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2030ع تائين دنيا مان بک جي ??ات??ي جو گڏيل قومن جي هدف کي هاڻي ح??صل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب جنگين، ماحولياتي تبديلين ۽ معاشي بحرانن سان دنيا بري طرح متاثر ٿي رهي آهي. رپورٽ موجب شديد بک جو مسئلو وڌيڪ گهرو ٿي ويو آهي جڏهن ته غذائيت بخش کاڌو ڪيترن ئي ماڻهن جي پهچ کان پري آهي. 2023ع ۾ اٽڪل 733 ملين ماڻه?? کي بک جو منهن ڏسڻو پيو يعني عالمي سطح تي هر 11 ماڻهن مان هڪ ماڻهو بک جو شڪار ٿيو. اٽڪل 29 سيڪڙو آبادي کي مجبورن ڪڏهن ڪڏهن کاڌي کانسواءِ ئي رهڻو پيو. ان ۾ به آفريقا جي خطي ۾ صورتحال خاص طور تي سنگين رهي جتي هر پنجن مان هڪ ماڻهو کي بک جو منهن ڏسڻو پيو.گڏيل قومن سان لاڳاپيل پنجن ايجنسين جي طرفان تيار ڪيل ان رپورٽ کي برازيل ۾ ٿيل جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو آهي. موجوده اندازن موجب 2030ع تائين بک جي مڪمل ??ات??ي لاءِ 176 بلين ڊالرن کان 3.98 کرب ڊالرن تائين جي ضرورت آهي. رپورٽ موجب ان لاءِ عطيو ڏيندڙ عالمي ايجنسين ۽ امدادي گروپ?? کي پنهنجي قدم?? کي بهتر طريقي سان جامع ڪرڻ گهرجي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي وقت ضايع ڪرڻ جو ناهي پر فوري قدم کڻڻ جو آهي.
دنيا مان بک جي خاتمي جي هدف کي حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿيندو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی