رياض -11 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي اسلامي مع??مل?? واري وزارت خادم حرمين شريفين جي پروگرام تحت حج لاءِ ايندڙ 9 ملڪن جي وڌيڪ 145 شاهي مهمانن جي آجيان ڪئي آهي. ميڊيا مطابق هن وقت تائين 75 ملڪن جا هڪ هزار 75 شاهي مهمان سعودي عرب پهچي چڪا آهن. ياد رهي ته سڄي دنيا جي 88 ملڪن مان 3 هزار 322 حج پانڌ??ئڙ?? شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي خصوصي دعوت تي حج ج?? فرض ادا ڪندا. انهن ۾ ٻه هزار حج پانڌ??ئڙ?? فلسطين ۾ شهيد ٿيلن ۽ زخمي شهرين جي وارثن مان هوندا جڏهن ته 22 حج پانڌ??ئڙ?? سعودي عرب ۾ ڌار ٿيل سيامي ٻارن جا والدين هوندا. اسلامي مع??مل?? واري وزارت ان پروگرام تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪندي آهي. سعودي اسلامي مع??مل?? واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ جي هدايت تي شاهي مهمانن جي خدمت لاءِ قائم ڪميٽيون حج پانڌيئڙن جي آمد جي طريقيڪار کي آسان بڻ??ئڻ، رهائش، کاڌي پيتي، ٽرانسپورٽ کان علاوه ٻيون خدمتون فراهم ڪندا.
هڪ هزار شاهي مهمان حج لاءِ سعودي عرب پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی