والاريل بيت ال??قدس -11 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين مزاحمت تحريڪ حماس جي ڪارروائين ۾ هاڻي تائين 1200 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي چڪا آهن. روس جي خابرو اداري مطابق اسرائيل جي فوج جي اڳوڻي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي اسرائيل جي ڊفينس فورسز جي اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ چيو آهي ته اسرائيل تي حماس جي حملن جي نتيجي ۾ 1200 اسرائيلي مارجي ۽ 1200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته حماس پنهنجي حملي کي والاريل بيت ال??قدس ۾ مسجد اقصيٰ خلاف اسرائيلي ڪارروائين جو جواب قرار ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته اسرائيل غزه پٽي جو مڪمل گهيراءُ ڪيو آهي ۽ اولهندي ڪنا??ي ۾ چڪريون به جا??ي آهن جڏهن ته لبنان جي سرحد تي توپخانن مان فائرنگ جي ڏي وٺ به جا??ي آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو