لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر احد خان چيما شامل هوندا. رياستي ۽ سرحدي معاملن وارو وز??ر انجنيئر امير مقام، وز??راعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي سينيئر وز??ر مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر خان مندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وز??راعظم ڪميٽي کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مقرر ڪيل ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.
وزيراعظم پاران مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق