اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي، ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر جي سينيئر آفيسر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اع??از حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪ?? فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اع??از حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اع??راف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اع??از حسين جي فرض شناسي تي کيس اع??ازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ايف بي آر سڌارن جي مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي غريب عوام جو ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ انهن ج?? مدد ڪندڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، غريب عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف قانون جي پڪڙ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. هن چيو ته اع??از حسين ان احسن قدم سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر ٽيڪ?? فراڊ جي ان ڪڌي ڪوشش جي تفصليي جاچ کانپوءِ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هن ايف بي آر ٽيڪ?? فراڊ ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن ج?? مدد ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ بهترين قانوني ٽيم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس چوري جي لاءِ 80 سالن جي عورت جا دستاويز استعمال ڪيا ويا، 4 مارچ 2024ع تي ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اع??از حسين ٽيڪ?? فراڊ جي ان ڪوشش جي نشاندهي ڪئي، سيلز ٽيڪ?? فراڊ جي ان ڪوشش ۾ شروعاتي طور تي 37 ڪروڙ منتقل به ٿيا جنهن جي ريڪوري جو عمل جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪ?? فراڊ جي ڪوشش ۾ ملوث مرڪزي جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته تفصيلي جاچ کانپوءِ ٽيڪ?? فراڊ جي ڪوشش ۾ مبينا سهڪار ڪندڙ ايف بي آر جي عملدارن جي نشاندهي ڪري انهن کي به سخت سزا ڏياري وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، ايف بي آر جي سڌارن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن سان مستقبل ۾ پڻ اهڙي قسم جي ڪاررواين جي روڪٿام ٿي سگهندي.
ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania