اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪست??ن ڪرڪيٽ ٽيم کي ??سٽريليا جي خلاف ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هڪ ٻي غيرمعمولي مئچ ۾ فتح تي مبارڪ هجي. اسان کي ??بر هئي ته تو??ان اهو ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ?? چيو ته آسٽريليا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. هن چيو ته ڪاميابي جي پٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان محمد رضوان کي ٽيم جي قيادت سان گڏوگڏ مئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاهڻ ۽ حارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي ٽيم جا حوصلا بلند آهن، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ