اسلام آباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته بيلا روس سان واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ نين منڊي?? جي ڳولها ضروري آهي، خاص سيڙپڪار?? سهولت ڪائونسل بيلا روس جي سيڙپڪارن ک?? سهولتون فراهم ڪندي، صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ سهڪار جا وسيع موقعا آهن، بيلا روس سان تعليمي، سائنسي ۽ فن?? سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ – بيلا روس جوائنٽ منسٽريل ڪميش?? جي ستين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کان پهرين وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان بيلا روس جي وفد جي آجيان ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چي?? ته پاڪ – بيلا روس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرف?? سهڪار جو اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان ۽ بيلا روس جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن، هن چي?? ته پاڪستان جا بيلا روس سان مضبوط واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ٿي رهيا آهن. گذريل مالي سال ۾ پاڪ – بيلا روس واپاري ڳاڻيٽو 34.88 ملين ڊالر هو. وفاقي وزير چي?? ته پاڪ – بيلا روس گڏيل ڪاروباري ڪائونسل جو ڇهون اجلاس جلد منعقد ٿيندو. هن سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بيلا روس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چي?? ته خاص سيڙپڪار?? سهولت ڪائونسل بيلا روس جي سيڙپڪارن ک?? سهولتون فراهم ڪندي، زرعي مڪينائيزيش?? جي شعبي ۾ بيلا روس جي مهارت پاڪستان لاءِ فائديمند هوندي. ڄام ڪمال خان وڌيڪ چيوته صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ سهڪار جا وسيعا موقعا موجود آهن، موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات ج?? تحفظ ۾ گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي. پاڪ – بيلا روس لاڳاپن ۾ عوامي سطح تي رابطا بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چي?? ته بيلا روس سان تعليمي، سائنسي ۽ فن?? سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. بيلا روس سان گڏيل صنعتي منصوبن ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. وفاقي وزير بيلا روس سان زرعي مصنوعات جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چي?? ته بيلا روس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ذريعي صنعتي ترقي ڏانهن اڳڀرائي ڪئي ويندي. ڄام ڪمال خان چي?? ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بيلا روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي. بيلا روس سان سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي بيلا روس جي توانائي واري وزير اليڪسي ڪوشنرينڪڪا به جوائنٽ منسٽريل ڪميشن کي خطاب ڪيو ۽ چي?? ته هي اجلاس پاڪستان ۽ بيلا روس جي گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم ڪندو، پاڪسان ۽ بيلا روس وچ ۾ ڊگهي وقت کان لاڳاپا قائم آهن ۽ بيلا روس پاڪستان کي پنهنجو هڪ اهم واپاري شراڪتدار سمجهي ٿو. هن چي?? ته هي اجلاس ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيندو ۽ اسان جا معاهدا پنهنجا هدف حاصل ڪندا. هن چي?? ته بيلا روس ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان سان گڏ پنهنجي واپاري شراڪتداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان سان گڏيل فائديمند شراڪتدا??ي جو خواهشمند آهي. هن پاڪستا?? جي اقتصادي ترقي جي صلاحيت تي يقين جو اظهار ڪندي چي?? ته باقاعده سياسي ڳالهيون اسا?? جي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن. اليڪسي ڪوشنرينڪڪا چي?? ته بيلا روس پاڪستا?? جي توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ مدد ڪندو، اقتصادي خوشحالي لاءِ علائقائي رابطا تمام ضروري آهن، اسان پاڪستان ۾ نوجوان?? جي قيادت هيٺ وڌيڪ منصوبن ۾ سهولتون فراهم ڪنداسين.
بيلا روس سان واپار جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ لاءِ نين منڊين جي ڳولها ضروري آهي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان