اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ??يڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ??يندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي مارجي ويلن جي پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد ??يندڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته ڪالهه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي ??ڻي ويندڙ بس هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائرين اربعين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران جي رستي عراق وڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوبي فارس جي شهر نيريز ۽ صوبي ڪر??ان جي علائقي سرجان جي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.
وزيراعظم پاران ايران ۾ هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea