اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ ا??افي درخواست داخل ڪئي و??ي آهي، اٽارني جنرل 22 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪورٽ ۾ ا??افي درخواست جي ٻڌڻي ۾ پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمن ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي راءِ جي روشني ۾ دليل ڏيندو جڏهن ته ڪابينا واپار واري و??ارت ۽ ازبڪستان جي سيڙپڪاري و??ري و??ارت جي وچ ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون، ”پرائيم منسٽر اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني“ جي قيام ۽ ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جا آپريشنز نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي حوالي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا کي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي بريفنگ ڏني و??ي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 17 آگسٽ 2024ع تي هڪ اضافي درخواست داخل ڪئي و??ي آهي. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان ڪيس جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ تفصيلي بحث ٿيو ۽ اهو معاملو قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پارٽين متفقه طور تي فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلي وفاقي حڪومت کي اهو چوندي ته ان ڪيس جي و??قعاتي ۽ قانوني رخن ۽ عالمن جي راءِ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت پاران درخواست داخل ڪئي وڃي. ان حوالي سان وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي هدايت موجب حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ ا??افي درخواست داخل ڪئي و??ي. وزيراعظم جي هدايت موجب اٽارني جنرل 22 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪورٽ ۾ ا??افي درخواست جي ٻڌڻي ۾ پيش ٿيندو ۽ پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمن ۽ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي راءِ جي روشني ۾ دليل ڏيندو. وزيراعظم ان حوالي سان واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي ڪابينا واپار واري و??ارت جي سفارش تي ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري و??ارت ۽ پاڪستان جي و??پار واري و??ارت جي وچ ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻ?? تربيت واري و??ارت جي سفارش تي ڪمپنيز ايڪ?? 2017ع جي سيڪشن 42 جي روشني ۾ فني ۽ پيشيواراڻ?? تربيت بابت قومي ڪميشن تحت ”پرائيم منسٽرز اسڪلز ڊيولپمينٽي ڪمپني“ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مٿي ڄاڻايل ڪمپني جو قيام فني ۽ پيشيواراڻ?? تربيت جي لاءِ فنڊز گڏ ڪرڻ، فنڊ مئنيجمينٽ ۽ ان فنڊ تحت مختلف تربيتي پروگرام لاڳو ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي هدايت جي روشني ۾ فني ۽ پيشيواراڻ?? تربيت بابت قومي ڪميشن جي آپريشنل ۽ ريگيوليٽري معاملن کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان ان ڪمپني جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي جنهن کانپوءِ پرائيم منسٽرز اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني فني ۽ پيشيواراڻ?? تربيت جي آپريشن معاملن کي ڏسندي جڏهن ته فني ۽ پيشيواراڻ?? تربيت بابت قومي ڪميشن ريگيوليٽري معاملن کي ڏسندي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري و??ارت جي سفارش تي ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جا آپريشنز نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان قومي صحت واري و??ارت ۽ دفاع واري و??ارت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 12 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 15 آگسٽ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي هدايت تي مبارڪ ثاني ڪيس جي حوالي سان حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ اضافي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اٽارني جنرل 22 آگسٽ 2024ع تي سپريم ڪورٽ ۾ اضافي درخواست جي ٻڌڻي ۾ دليل ڏيندو: وفاقي ڪابينا کي آگاهي
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز