اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام ??ي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سي??يٽ?? جان محمد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر پلن بلوچ شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي عوام ??ي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان جي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي قدم تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته زرعي ٽيوب ويلز جي سولرآئزيشن جو بلوچستان جي آبادگارن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو. اهڙي طرح جا قدم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي طرف مثبت اڳڀرائي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سي??يٽ?? اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجو?? هئا.
بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت