اسلام آباد-10 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري تيراه وادي جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت ڪندي ??يو آهي، ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پر??زم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري واقعي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. صدر مملڪت مادر وطن لاءِ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيدن کي سلام ۽ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت فتنو ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي جهنم تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي ساراهيندي ??يو ته سموري قوم دهشتگردي جي لعنت جون پاڙون پٽڻ لاءِ پر??زم ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر مملڪت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري شهيدن جي بلند درجن ۽ ڪٽنب ڀاتين لاءِ صبر ??ي دعا گهري.
صدر مملڪت آصف علي زرداري جي خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی