اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رات دير تائين پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ار??د نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن ک??نپ??ءِ اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪب??د ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ار??د نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزيراعظم ٽن ڏهاڪن ک??نپ??ءِ اولمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪب??د ڏني. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آهن، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته ار??د نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ الله رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان کان اڳ وزيراعظم ار??د نديم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪب??د ڏيندي چيو ته پوري قوم کي ار??د نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ار??د نديم پوري پاڪستاني قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17
وزيراعظم پاران پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : quina acumulada