اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري و??اق?? وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص کي آئيني حدن ۾ رهي ??حتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرج??، بنا ڪنهن جواز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دنيا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي ??يڙپڪار گهٻرائيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ ويڊيو بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته مسئلا سڄي دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيندا آهن، جڏهن ته انهن جو حل ڪڍيو ويندو آهي. سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو آهي پر پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آهي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت ڄاڻي تي ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن ۾ سڀ کان مٿي بجلي جي قيمتن جو مسئلو آهي ۽ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي ??هي، جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو. توانائي جي حوالي سان سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي ??هي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان جي حوالي سان و??اق?? وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان ۽ اتي جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. هن چيو ته بلوچستان جي سرحد ٻن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ سوال آهي ??ه پاڪستان اڄ انهن حالتن تائين ڪيئن پهتو آهي ??ڏهن ته ان مسئلي تي سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.
احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری