اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مليريا تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏيل ڪوششون ڪ???? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هر سال 25 اپريل تي مليريا جو عالمي ڏينهن آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ مليريا جي ڪنٽرول ۾ درپيش چئلينجز جو حل ڳول?? جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. صدر چيو ته مليريا جي روڪٿام، سُڃاڻپ ۽ علاج ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عوام کي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪر?? جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن جو مقصد مليريا جي هر مشتبه ڪيس جي جانچ، تصديق ۽ ان جو معياري علاج ڪرڻ آهي. صدر چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته قومي صحت واري وزارت گڏيل يونٽ جي ذريعي مليريا کي ??نهن ڏي?? جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪ??ون آهن. صدر چيو ته ڪامن مئنيجمينٽ يونٽ مليريا هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. آصف علي زرداري چيو ته بدقسمتي سان 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ مليريا جي ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿيو. صدر چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي ڪري مليريا جي روڪٿام جي ڪوششن کي ??قصان پهتو، سموريون صوبائي حڪومتن ۽ ٻين ڌرين کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي ان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي ??نهن ڏي?? جي لاءِ متحد ٿين. هن چيو ته سموريون ڌريون مليريا بابت آگاهي پيدا ڪر?? جي لاءِ پڻ قدم کڻن.
پاڪستان عالمي مليريا پروگرام تحت نئين قدمن تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔