راولپنڊي- 06 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ??احر شمشاد پنهنجي سعودي عرب جي دؤري دوران سعودي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلي??ان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سلامتي معاملن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آ?? مطابق چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ??احر شمشاد هن وقت ٻين عالمي دفاعي نمائش لاءِ سعودي عرب جي دؤري تي آهي. هن نمائش ۾ لڳايل مختلف پاڪستاني اسٽالز جو دؤرو ڪيو ۽ الفتح ٽو ميزائل اسٽال جو افتتاح به ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ??احر شمشاد سعودي عرب جي چيف آف جنرل ??سٽاف، جنرل فياض بن حميد الرويلي ۽ چيف آف رائل سعودي لينڊ فروسز ليفٽيننٽ جنرل ??هد بن عبدالعزيز المطر سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج