اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف ??لو?? غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ بهترين فيصلو آهي، اسرائيل کي فوري طور تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي جي جي فيصلي ک?? ساراهيو جنهن ۾ اسرائيل کي غزه ۾ فلسطينين طرف نسل ڪشي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ، نسل ڪشي ڪنوينشن جي آرٽيڪل II جي دائري ۾ ايندڙ سمورين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ فلسطينين کي فوري طور تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد) جي فراهم?? جو چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ان فيصلي اسرائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪاررواين ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ خوراڪ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏيو. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن خاص طور تي سلامتي ڪائونسل ت?? زور ڏنو ته اها غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ قدم کڻي ۽ اسرائيل کي فلسطين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي اسرائيل ک?? جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي جرئتمنداڻي موقف ک?? ساراهيو.
صدر پاران غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil