اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس س??اد ق??ضي چيو آهي ته ڀارتي ايجنٽس پاڪستان ۾ 2 معصوم شهرين کي قتل ڪيو، ڀارتي ايجنٽس کي ٺوس ثبوتن تي حراست ۾ ورتو ويو، هو پاڪستان ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سڌوسنئون ملوث هو، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالم?? سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس س??اد ق??ضي ٻڌايو ته عالم?? سطح تي ڀارت جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، اسان وٽ پاڪستان ۾ ڀارتي ايجنٽس جا تفصيل موجود آهن، ٻن ڪيسز جا تفصيل شيئر ڪنداسين ڪجهه ڪيسز اڃا جاچ هيٺ آهن، جاچ مان خبر پئي ته ڀارتي ايجنٽ يوگش ڪمار ان ۾ ملوث آهي، اشوڪ ڪمار ۽ يوگش ڪمار ڀارتي ايجنٽس جي ذريعي ڪارروائي ڪرائيندا هئا، سهولتڪارن جي ذريعي انهن ايجنٽس جي خبر پئي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستاني شهري محمد رياض کي پڻ راولا ڪوٽ ۾ مسجد ۾ قتل ڪيو ويو هو، ڀارتي ايجنٽ اجرتي قاتل جي ذريعي محمد رياض کي قتل ڪرايو، سيڪيورٽي فورسز اجرتي قاتل کي گرفتار ڪيو جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، ڀارتي ايجنٽ دهشتگردي ۽ ٻين وارداتن ۾ پڻ ملوث ڏٺو ويو. هن چيو ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ به اهڙا ئي ڪيسز سامهون آيا آهن، ڀارت کي عالم?? سطح تي ان جو جوابده ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀارتي ايجنٽس جا اعترافي بيان به آهن جيڪي هن وقت اسان جي تحويل ۾ آهن، اسان وٽ ف??ان??ل ٽرانزيڪشنز جا ثبوت به موجود آهن، انهن ايجنٽسن جا پاسپورٽ نمبر ۽ سڃاڻپ شيئر ڪئي ويندي، رڳو اسان نه چئي رهيا آهيون ڪئناڊا ۽ آمريڪا به اهڙي طرح جي ڪاررواين جي نشاندهي ڪئي.
ڀارتي ايجنٽس پاڪستان ۾ 2 معصوم شهرين کي قتل ڪيو، ڀارتي ايجنٽس کي ٺوس ثبوتن تي حراست ۾ ورتو ويو: پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste