بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، پاڪستان کي چين جي دوستي تي فخر آهي، چي?? سان سمورن شعبن ۾ لا??اپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان چين لا??اپن ۾ ڏار نه ٿي وجهي سگهي. چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، شي جن پنگ جي و??زن??ي قيادت ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ گهرائڻ تي چيني قيادت جا ٿورائتا آهيون، چين جي ترقي سڀني جي لاءِ بهترين مثال آهي، چيني صدر جي گذريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. هن چيو ته پوري دنيا کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش آهن. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته چين پاڪستا?? سان مختلف شعبن ۾ لا??اپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لا??اپن جو عڪاس آهي.
چين پاڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا