گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ وز??را??ليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. وز??را??ليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي نگران وز??را??ظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران وز??را??ظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نگران وز??را??ظم اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگردن جي ٺاهيل مختلف ماڊلز جو معائنو ڪيو. هن شاگردن جي پينٽنگز، تعليمي، سائنسي ۽ توانائي بابت ماڊلز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ماڊلز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي سائنسي ماڊل کي ساراهيندي ان کي تعريفي سرٽيفڪي?? ڏيڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم شاگردياڻين کان موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران وز??را??ظم چيو ته اسان جي ٻارن ۾ سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري، فاتحه خواني، گل چاڙهيا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی