ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مادر جمهوريت بي??م نصرت ڀٽو جي سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته مادر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي، بي پناهه مشڪلاتُون ۽ المناڪ صدما برداشت ڪيا پر جمهوريت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو جهڪڻ نه ڏنو، مادر جمهوريت بي??م نصرت ڀٽو بي مثال صبر، جرئت ۽ مفاهمت جو استعارو هئي، سندس ذڪر کانسواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ اڻ مڪمل آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بي??م نصرت ڀٽو جي 94 هين ولادت جي ڏهاڙي تي بلاول ڀٽوزرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بي??م نصرت ڀٽو بهادر ۽ مدبر عورت ۽ پروقار شخصيت جي مالڪ هئي. هوءَ هر قسم جي حالتن ۾قائد عوام شهيد ??وا??فقار علي ڀٽو سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته بي??م نصرت ڀٽو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جي عدالتي قتل کانپوءِ جهڙي طرح پنهنجي ذاتي ڏک ۽ مصيبتن کي وساري قوم جي وسيع تر مفاد کي مٿانهون رکندي آمريت جي خلاف جدوجهد ڪئي، تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. هن چيو ته بي??م نصرت ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانيون اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهي. مادر جمهوريت بي??م نصرت ڀٽو هر جيالي ۽ پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي.
مادر جمهوريت آئين ۽ جمهوريت جي خاطر وحشي آمرن سان مزاحمت ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات