اسلام آباد – 16 – ف??بر??ري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 ف??بر??ري تي ترڪيه جو دورو ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انق??ه ۾ پنهنجي قيام دوران وزيرا??ظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. وزيرا??ظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيرا??ظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ ترڪيءَ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ وزيرا??ظم 6 ف??بر??ري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪ??و ويو آهي. وزيرا??ظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ترڪيه ۾ 6 ف??بر??ري تي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.
وزيراعظم زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪندو: وزيراعظم آفيس
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری