پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف


APP46-251122 ISTANBUL: November 25 – Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif addresses the launching ceremony of PNS Khyber, the third of the four MILGEM Corvette ships. APP

استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ??رقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئسن جي ??خراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچاري جي ڏس ۾ هي ??ظيم ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ??قريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزادي ??ي جنگ وڙهي ??هيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي ??رڪ ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزادي ??ي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ??رڪ ڀائرن جي ??ظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ترڪيه پاڪستان کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن ترڪيه جي ??وام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ترڪيه جي ??سڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي. وزيراعظم ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان جي ??انشمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ان جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردوان جي ??ماجي ڀلائي جي منصوبن جي ڪري ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون ۽ صنعتي ترقي جا ثمر ملي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي ??فتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهيون، پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، امن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪن جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي تڪرار درپيش آهن، يوڪرين جي ??نگ عالمي برادري جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، يوڪرين جي ??نگ ۾ ترڪيه جي ??در جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، هن جنگ جي ڪري پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي سنجيده مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي ??هيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ جو اسان جو درآمدي ??ل 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، انهي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ??ه ترڪيه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ٿو، ترڪيه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ترڪيه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئسن جي ??خراج ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن کي انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ??ه ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان مالامال آهن، انهن شعبن ۾ ٻئي ڀائر ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ٻئي عظيم ملڪ آهن، اسان جي ??ل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??عبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آهي، رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته تازو ئي جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته ترڪيه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، انهي ??ات صدر رجب طيب اردوان مون کي فون ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه انساني همدردي ??ي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪيون، 15 فوجي ??هازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، ترڪيه مان 6 ٽرڪ پاڪستان آيا، سنڌ ۾ رجب طيب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ??ري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته رجب طيب اردوان پنهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، نه رڳو ترڪيه جي ??ڪومت پر استنبول ۽ انقره جي ??هرين ??ندو گڏ ڪيو، ترڪيه جي ??در جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچاري جو عظيم مظهر هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ??رقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو وزيراعظم جي ??جيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر سدائين ترڪيه سان گڏ رهيا آهن، ترڪيه جي ??وام جي ??لين ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي مقام آهي، پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ جي ??باهي ??رڪيه جي ??وام کي ڏکويل ڪيو، اسان پنهنجي ??لاحيت موجب پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي ??مداد ڪئي. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي ??ي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آهي، اسان کي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان دهشتگردي ??ي خطرن جي ??لاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگردي ??ي خلاف متحد آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه هر قسم جي ??هشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي ??لاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگردي ??ي خلاف اسان جي ??يرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. استنبول ۾ دهشتگردي ??ي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگردي ??ي حملن ۾ فوت ٿيندڙن کي انصاف ڏيڻ اسان جي ??ميواري آهي، داعش جي ??لاف اسان جنگ وڙهي ??هي، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي ??رپرستن جي ??لاف جنگ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي ??رحدن تائين مخصوص نه آهي پر پنهنجي ??رحدن کان ٻاهر به پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ بحريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي ??لسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ ترڪيه وٽ 52 دفاعي پراجيڪٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان وڌيڪ آهن، ان وقت 5.5 ارب ڊالر جي ??فاعي پيداوار جي ??جيٽ هئي جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن سال پاڪستان سان ٻطرفو واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي وين??و، پاڪستان ۽ ترڪيه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهن جيڪي جنگي جهاز ٺاهي ??گهن ٿا، اسان پنهنجي پاڪستان جهڙن ڀائرن ۽ اتحادين سان گڏجي پنهنجي ??فاعي صنعت کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي ??نعت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملن??و، ڪارويٽ ملجم انهي ??لسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم منصوبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، ان منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ بحريه جي ??ربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ??ه پاڪ نيوي جي لاءِ جديد ترين جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آهي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي ??نهن تي هو ترڪيه جي ??در ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??عليٰ قيادت جي موجودگي سان پاڪ ترڪيه ويجهن لاڳاپن جي ??ڪاسي ٿي رهي ??هي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي ??زمائش تي پورا لٿا آهن، ان جي ??ڪاسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي رهي ??هي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٻه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي ??هيا آهن. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنهن جي ??فتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??فاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پراجيڪٽ نه رڳو جنگي جهاز آهي پر اهو ٽيڪنالاجي ??ي منتقلي جو اهم منصوبو آهي ??يڪو جناح ڪلاس وار شپ جي ??ڳئين جنريشن جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي ??امونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آهي. پاڪ بحريه جي ??ربراهه چيو ته پاڪستان جي ??اگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي، خطي ۾ پنهنجي ??امونڊي حدن ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان پاڪ بحريه جي ??فاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي ??رقي کي پڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان ترين پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي ??ڪاسي ٿي رهي ??هي، هي منصوبو وقت جي ??رورت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائيندو. ترڪيه جي ??فاعي صنعت صدر اردوان جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ ترقي ڪئي آهي، ترڪيه جي ??فاعي پيداوار جا ڪيترائي ادارا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، آئيڊياز ۾ 28 ترڪيه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان کي سلامتي جا چئلينجز درپيش آهن جنهن ۾ نيوي جي ??ميواري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسان کي يقين آهي ??ه ملجم جهازن جي ??موليت سان قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آهن، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئي جي موقف جا حامي آهن، اسان ڪلهو ڪلهي ??ان ملائي دهشتگردي ??ميت سمورن خطرن جي ??لاف بيٺل آهيون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ ترڪ صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم جي ??جيان ڪئي. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. صدر اردوان وزيراعظم کي تقريب جو بيج لڳايو ۽ وزيراعظم جو ترڪ عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي ??روعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح رهي ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي ??يثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ??ارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار ترين پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

متعلقہ مضامین

سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس