واشنگٽن – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان لکين ٻو?? متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي گهٽتائي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻو?? وارو پاڻي بيهڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون سان ٻو?? متاثرن جي ت??ليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن نيسولر واٽر پلانٽس ذريعي پيڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي فلاحي تنظيم هيومن نيسيسٽي فائونديشن (ايڇ اين ايف) طرفان فنڊ ريزنگ تقريب دوران چيو ته ٻو?? متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري جي فوري ۽ لاڳيتو مدد جي ضرورت آهي. هن تنظيم جي ڊائريڪٽر فوزيه قصوري ۽ ان جي ساٿين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو ٻو?? متاثرن جي انتهائي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ٻو?? جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا آهن جيڪي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي آبادي کان به وڌيڪ آهن ۽ پاڪستان جي 95 هزار اسڪوائر ميل ايراضي ٻو?? جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جيڪا آمريڪي رياست ڪولورادو جي علائقي کان به وڌيڪ آهي جنهن جي 66 لک ماڻهن کي فوري ڌيان جي مدد جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن دوران وڏي پئماني تي سهڪار ڪرڻ تي گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو ۽ متاثرن کي امداد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي به ساراهيو. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت حقيقي چئلينج ٻو?? متاثرن جو روزگار، بحالي ۽ تعمير آهي. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي دوست ملڪن، سرنديءَ وارن ۽ خاص طور تي پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي جي لاڳيتي مدد جي ضرورت آهي، جن هميشه مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.
لکين ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فوري فراهمي جي ضرورت آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات