صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ ک??ن متاثر علائقي صحبتپور ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ??ن موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول جو قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻارن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ ??ئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ??ن موقعي تي ٻارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ??ن موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ??ن موقعي تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صحبت پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي س??ن آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ