فيصل آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ ايف ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين چوڌري لطيف نذر ??يو آهي ته ڪشمير جي آ??اد حيثيت جي خاتمي جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم اڄ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهائيندي ته ڪشمير جي آ??اد حيثيت بحال ۽ ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ تائين پ??ڪس??اني قوم پنهنجي جدوجهد جاري رکندو. قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن ??يو ته ڪشمير گڏيل قومن جو سڀ کان پراڻو حل طلب مسئلو آهي پر عالمي ادارن ۽ عالمي قوتن والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي رياستي ڏاڍ ۽ تشدد تي مسلسل خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. هن ??يو ته جانور?? تي ظلم خلاف منظم تحريڪون هلائيندڙن کي معصوم ڪشميري?? تي ٿيندڙ ظلم نظر نه ٿا اچن جيڪي ٽن سالن کان دنيا جي سڀ کان وڏي جيل نما ??اديءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن ??يو ته پ??ڪس??ان جي ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ڪشمير مسئلي کي نئين جدت ملي آهي ۽ مسلسل سفارتڪاري دنيا کي ڪشميري?? تي ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهي ڏني آهي. هن ??يو ته ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سڄي پ??ڪس??ان وانگر فيصل آباد جي عوام به اڄ ڀرپور آواز اٿاريندي ته جيئن مرده عالمي ضمير کي سجاڳ ڪيو وڃي. هن سول سوسائٽي تي زور ڏنو ته اهي جمعي ڏينهن الله تعاليٰ آڏو ٻاڏائي ڪشمير جي مسئلي جي مستقل حل ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائون به ڪن.
ڪشمير جي آزاد حيثيت جي خاتمي جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي قوم اڄ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائيندي: چوڌري لطيف نذر
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria