اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواه?? مان دريافت ??يندڙ گئس جي ذخيرن مان عوام کي گئس جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پي??رو??يم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پي??رو??ي?? وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پي??رو??ي?? وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان دريافت ??يل گئس فوري طور تي عوام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ??يا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوام کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ??يندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي عوام کي به دريافت ??يل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي عوام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.
وزيراعظم پاران خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس عوام کي فراهمي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔