اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي گهر?? وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع تي گهر?? وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪندي گهر?? وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي حڪمن تي گهر?? وزارت فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عمران خان جي لاءِ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گهر?? وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ?? گهر?? وزارت ??يو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عمران خان جتي به وڃي ان جي سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. گهر?? وزارت عمران خان جي بني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. گهر?? وزارت هدايت ڪئي آهي ته عمران خان جي جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين جي دوران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان