پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ هندوئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ سوين هندو ياترين جي آ??د ٿي. مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندڙ 215 ياترين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ هندو شامل هئا. هندو برادري جو قافلو پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پاڪستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پهتو هو. جيڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت سيڪيورٽي ۾ ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پهتو جتي هندو برادري جي مذهبي رسمن جي موقعي تي ڪرڪ پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خان گنڊاپور سيڪيورٽي صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي ??هي?? هو جڏهن ته ٽيري سماڌي تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خان سموري صورتحال جي نگراني ڪري ??هي?? هو. ڀارت مان آيل هندوئن سميت غيرملڪي ياترين سيڪيور??ي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪي?? ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي سيڪيور??ي انتظامن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ان موقعي تي هندو ياترين پوليس جي سيڪيور??ي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيون جڏهن ته ان موقعي تي هندو ڪائونسل پاڪستان جي ايم اين اي رميش ڪمار پوليس جي سيڪيور??ي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان ڊيو??ي ادا ڪئي آ??ي. جنهن سان اسان سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آ??ي، جن اسان جي مذهبي رسمن جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪي??. هن چيو ته ٽيري سماڌي تي ياترين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.
ٽيري ۾ شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ سوين هندو ياترين جي آمد
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ