لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجا?? جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنجا?? جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سول ??نتظاميه ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجا?? جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ??ئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ??ئي.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا