اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي تي سول ۽ ع??ڪر?? قيادت هڪ پيج تي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سول ۽ ع??ڪر?? قيادت جي ايترا بهترين لاڳاپا نه رهيا آهن جيترا اڄ آهن، ان جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو، افغانس??ان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، افغانس??ان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال پوري دينا جي لاءِ نقصان جو باعث بڻجي سگهي ٿي، ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافو آهي، مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آهي، نومبر جي مهيني ۾ ٽي وڏا پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، وزير??عظ?? پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اسان جو فوڪس افغانس??ان تي هو، وزير??عظ?? پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي افغانستان جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو، پاڪس??ان جو موقف آهي ته هن وقت افغانس??ان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، انساني همدردي جي جذبي سان افغانس??ان لاءِ امداد جاري رهڻ گهرجي، هن چيو ته اسان افغانس??ان لاءِ ويزا ۾ سهولت فراهم ڪئي، افغانس??ان سان واپار کي وڌايو آهي، اسان افغانس??ان ۾ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته دنيا به افغانس??ان کي اڪيلو نه ڇڏي، وف??قي وزير چيو ته وزير??عظ?? پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن افغانس??ان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ۽ اتي عدم استحڪام پيدا ٿيو ته افغانس??ان ۾ دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروپ پنهنجي جڳهه بڻائي سگهن ٿا، اهڙي صورتحال افغانستان جي سان گڏوگڏ دنيا ۽ پاڪس??ان لاءِ به نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته افغانس??ان ۾ استحڪام لاءِ دنيا کي پنهنجون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وف??قي وزير ٻڌايو ته وزير??عظ?? پارلياماني پارٽي کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ وزير??عظ?? جا خوشگوار ۽ ويجها لاڳاپا آهن، سموري نقطه نظر تي اسان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪندا آهيون، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي حوالي سان معاملي تي به صورتحال اها ئي رهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن سول ۽ ع??ڪر?? قيادت جا ايتري بهترين لاڳاپا ناهن رهيا جيتري اڄ آهن، ان جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو جنهن سدائين پاڪس??ان ۽ جمهوريت ۽ سول حڪومت کي اداره جاتي سپورٽ ڏني، اڄ پاڪستان جي عوام کي فوج جي عزت ۽ وقار عزيز آهي. هن چيو ته وزير??عظ?? پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي مقرري بابت معاملا مڪمل طور تي طئي ٿي چڪا آهن، پراسيس شروع آهي، ان جي مقرري جلد ٿيندي، ان تي سول ۽ ملٽري ٻئي پاس آن بورڊ آهن، اعتماد جي فضا ۾ اهو فيصلو ٿيندو، وف??قي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي تي به ڳالهه ٿي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو آهي، پيٽرول جي قيمت 40 ڊالر في بيرل مان وڌي 80 ڊالر في بيرل کان ٽپي وئي آهي، 2018ع ۾ پام آئل جي قيمت 518 کان 520 ڊالر ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا اڄ 1200 ڊالر جي ويجهو آهي، هن چيو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آهي، نومبر جي مهيني کان اسان ٽي وڏا پروگرام شروع ڪري رهيا آهوين، جنهن ۾ صحت ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، صحت ڪارڊ خبرپختونخوا ۾ ملي چڪو آهي، هاڻي پنجاب جي عوام کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن تحت پنجاب جي هر خاندان ساڍا 7 لک روپين جو ميڊيڪل انشورنس حاصل ڪري سگهندو. هن ٻڌايو ته صحت ڪارڊ جي فراهمي جو سلسلو نومبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته احساس ڪارڊ جي لاءِ سموري ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، غريب ۽ پوئتي پيل ماڻهن کي احساس ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو. احساس ڪارڊز جي ذريعي غريب ماڻهو نه رڳو يوٽيليٽي اسٽورز پر عام دڪانن ??ان به سستيون شيون خريد ڪري سگهندا، چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب حڪومت مزدور ڪارڊ جاري ڪري رهي آيه جنهن سان مزدورن کي فائدو ٿيندو، آبادگارن کي سبسڊي جي فراهمي لاءِ آبادگار ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، وف??قي وزير چيو ته وزير??عظ?? پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. وزير??عظ?? 12 ربيع الاول جي موقعي تي رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 12 ربيع الاول تي ٻه وڏيون تقريبون ٿينديون، هڪ تقريب ايوان صدر ۾ ٻي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندي، وزير??عظ?? وڏي مذهبي ميڙ کي خطاب ڪندو، هن چيو ته سمورن ٽي وي چئنلز کي درخواست ڪئي وئي آهي ته رحمت اللعالمين ﷺ جي حوالي سان موضوعن تي پروگرام نشر ڪيا وڃن. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين.
ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي تي سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ