اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تر??يءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ام??اد ڏيڻ تي تر??يءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه تر??يءَ جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. تر??يءَ جي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آيا صوفيه کي نماز جي لا??ِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ تر??يءَ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي تر??يءَ جي صدر طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري ??و حوالو ڏيندي وزيراعظم تر??يءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ام??اد ڏيڻ تي تر??يءَ کي سارهيو.
ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری