اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پاناما پيپرز ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 4 جون 2018ع تائي?? پنهنجو مينڊيٽ مڪمل ڪندي، اڄ جو ??ينهن تاريخي نه پر ڪارو ڏي??هن آهي، قوم جي حق حاڪميت کي پائمال ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ناهي ٿيو، عدالت جي وقار کي مٿانهون رکنداسين. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پنجاب هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، زاهد حامد، شاهد خاقان عباسي، انوشه رحمان ۽ بئريسٽر ظفر الله پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي قانون جي ماهر بئريسٽر ظفر الله چيو ته عمران خان، شيخ رشيد ۽ سراج الحق جي پٽيشن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو، نواز شريف جي لنڊن جي فليٽس، سندس جي تق??يرن جي وچ ۾ ٽڪراءُ کي جواز بڻائي فيصلو ڪيو ويو. نواز شريف جو موقف هو ته اسان ڪنهن فني معاملي ۾ نه پونداسين، اسان جو دامن صاف آهي
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پاران سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ