باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن چيو آهي ته عالمي سطح تي ماحولياتي تبديليون رڪارڊ انگ ۾ ماڻهن کي بي گهر ڪرري ره??ون آهن ۽ لڏپلاڻ جي پهرين ئي کان ڳڻتي مسئلي کي وڌيڪ خراب ڪري ره?? آهي. پرڏيهي نشرياتي اداري موجب آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس دوران گڏ??ل قومن جي پناهگيرن بابت ايجنسي(يو اين ايڇ سي آر) ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ ۽ انتهائي موسمي صورتحال لڏپلاڻ جي انگ ۽ ٻين حالتن کي سنگين نموني متاثر ڪري ره?? آهي. ادارن انهن خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ۽ بهتر سيڙپڪاري جو مطالبو ڪيو آهي. يو اين ايڇ سي آر تازي رپورٽ ۾ ٻُڌايو ته ڪهڙي طرح سوڊان، صوما??يه ۽ ميانمر جهڙين جاين تي موسمياتي صورتحال تڪرارن سان گڏجي پهرين کان خطري ۾ گهيريل ماڻهن کي وڌيڪ سنگين حالتن ۾ ڌڪي ره?? آهي. يو اين ايڇ سي آر جي سربراهه فلپو گرانڊي چيو آهي ته سوڪهڙي، ٻوڏ، سخت گرمي ۽ ٻيا انتهائي موسمي واقعا خطرناڪ انگن سان هنگامي صورتحال پيدا ڪري ره??ا آهن. هن چيو ته پنهنجن گهرن کان لڏپلاڻ تي مجبور ماڻهو ان بحران سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. هن انگن اکرن جي حوالي سان ٻُڌايو ته بي گهر ٿيل 75 سيڪڙو ماڻهو اهڙن ملڪن ۾ ره?? ٿا جتي آبهوا بابت خطرن کي مُنهن ڏئي ره??ا آهن. جيئن جيئن ماحولياتي تبديلين جي رفتار ۾ واڌ ٿيندي اهو انگ وڌندو ويندو. يو اين ايڇ سي آر جي جون جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته رڪارڊ 120 ملين ماڻهو پهرين ئي جنگ، تشدد ۽ ظلم سبب بي گهر ٿي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. يو اين ايڇ سي آر جي موسمياتي ڪارراوئي جي خاص مشير اينڊريو هارپر ٻُڌايو ته عالمي سطح تي تڪرارن سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جو انگ گذريل 10 سالن ۾ ٻيڻو ٿي ??يو آهي. يو اين ايڇ سي آر لڏپلاڻ جي نگراني جي مرڪز جي تازن انگن اکرن جي حوالي سان ٻُڌايو ته موسمياتي آفتن نه صرف گذريل ڏهاڪن دوران انهن ملڪن اندر تقريبن 220 ملين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي تقريبن 60 هزار روزانو بي گهر ٿيڻ جي برابر آهن. هن لڏپلاڻ ڪندڙ ۽ انهن جي ميزباني ڪندڙ برادري جي مدد لاءِ گهربل فنڊز جي سخت کوٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان آبهوا ۾ تبديلي واري حالت جو شڪار ملڪن نائيجريا، برڪينافاسو، سوڊان، افغانستان ۾ پوکي جوڳي ايراضي جي وڌندڙ نقصان کي ڏسي ره??ا آهيون پر ان سان گڏوگڏ آباديءَ ۾ وڏي پيماني تي واڌ به ٿي آهي. يو اين ايڇ سي آر چيو ته اها صورتحال وڌيڪ بدتر ٿيڻ جي طرف گامزن آهي. گڏ??ل قومن جي تنظيم موجب دنيا ۾ اهڙن ملڪن جو انگ انتهائي موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏئي ره??و آهي، 2040ع تائين 3 مان وڌي 65 ٿي ويندو. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ??يو آهي ته 2050ع تائين وڌيڪ پناهگيرن جي وسندين ۽ ڪيمپن کي اڄ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي خطرناڪ گرمي کي مُنهن ڏيڻو پوندو. يو اين ايڇ سي آر اجلاس ۾ فيصلن تي زور ڀريو آهي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ماحولياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي مُنهن لاءِ وڌ کان وڌ عالمي مالي امداد پناهگيرن ۽ ميزبان برادرين تائين پهچي، جنهن جي کين سخت ضرورت آهي.
ماحولياتي تبديليون عالمي سطح تي لڏپلاڻ ۾ واڌ ڪري رهيون آهن: يو اين ايڇ سي آر
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث