واشنگٽن – 18 آڪتوبر (اي پي پي) عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي مذهبي عدم برداشت جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بي جي پي جي اقتدار واري دور ۾ ڀار?? ۾ ??ذهبي مت ڀيد جي پاليسين کي هٿي ملي. مذهبي اقليتن ۽ سندن حامين جو آواز دٻايو پئي وڃي ۽ انهن جون زندگيون مشڪل ڪيون پيون وڃن. مودي سرڪار جي اقليتن خلاف پرتشدد قدمن سبب مسلمانن، عيسائين، سکن، دلتن ۽ قبائلين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.رپورٽ مطابق بي جي پي جي حڪومتي دور ۾ مذهبي اقليتن تي حملن ۾ اضافو ٿي?? آهي ۽ مسجدن سميت اقليتن جي عبادتگاهن کي ڊاهيو ويو آهي. مودي سرڪار جي جابراڻين پاليسين سبب ??قليتن کي ملڪيتن کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب ??هار، اتر پرديش، دهلي ۽ ٻين شهرن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين مذهبي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي?? آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻين اقليتن وانگر مسلم??نن کي شهريت ترميمي ايڪٽ ۽ اين آر سي جهڙن قدمن سان پوئتي ڌڪڻ جون ڪوش??ون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب ??سام ۾ 7 لک مسلم??نن جي شهريت کي خطرو آهي. آمريڪي ڪميشن رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ اقليتن جي حوالي سان مذهبي آزادي بابت قدمن کي ساراهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ وقت سر ۽ اثرائتن قدمن سبب مذهبي اقليتن جي آزادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. مذهبي آزادي لاءِ ڪرتارپور راهداري، سياسي ميدان م وڌيڪ نمائندگي ۽ قانوني تحفظ جهڙيون اهم ڪوش??ون تحسين جوڳيون آهن.
مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil